عدالتي فيصلي کانپوءِ وفاق هاڻ ڪئنال منصوبي تي ڪم ورڪي: ڄام خان شورو

ڪراچي(رپورٽر)آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ حڪومت جو سنڌ ھائيڪورٽ پاران سنڌ جي حق ۾ ڏنل فيصلي کي تاريخي خوش آئند قرار ڏنو آهي، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڏنل روشني جي فيصلي تحت عملدرآمد ڪندي سنڌ حڪومت جو وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته ڪئنالن کي ٺاهڻ  وارن سرٽيفڪيٽن کي رد ڪيو وڃي ۽ ڪينالن تي جاري منصوبي تي ٿيندڙ ڪم کي روڪيو وڃي ۽ اِرسا ۾ سنڌ جو ظهير حيدر شاهه کي ميمبر طور مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي،  صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪري ارسا ۾ظهير حيدر شاهه کي سنڌ جو ميمبر مقرر ڪري نوٽيڪفيشن جاري ڪري ۽ تڪراري ڪينالن منصوبو فوري طور تي ختم ڪري، سنڌ حڪومت جو وفاق جي اڳيان ڪيس هو ته ارسا ۾ ميمبر سنڌ حڪومت جو مقرر ٿيڻ گهرجي، آبپاشي واري وزير چيو ته سنڌ جي وڏي وزير وفاقي حڪومت کي ظهير حيدر شاهه جي مقرري لاءِ خط لکيو هو ان تي وفاق عملدرآمد ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.