ڪراچي (پ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ پ پ پ سينيٽر بئرسٽر ضمير گهمروپاران ڪئنالن تي اسٽي وٺڻ تي چيو آھي ته پيپلزپارٽي ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. ملڪ جي تاريخ عدالتي ناانصافين سان ڀري پئي آھي. هن چيو ته پ پ ھڪ طرف ڪئنال مخالف تحريڪ تي ڪيس پئي داخل ڪري ٻي طرف احتجاجن جو ڍونگ ڪيو پيو وڃي . هن چيو ته ڪياماڙي جي زمين خالي ڪرائڻ جو عدالت اسٽي ڏنو پر قبضو اڄ تائين برقرار آھي فيصلا ٻين ھنڌن تي ٿين ٿا. نظريه ضرورت تحت ڪم ڪندڙ ڪورٽن جا فيصلا ۽ ارسا جھڙي ڊمي اداري کي تسليم نٿا ڪريون. سنڌ جا ماڻھو سازشي حربن تي ڌيان نـ ڏين درياهه بچائڻ لاء روڊن تي نڪري اچن. ڪئنالن جي حڪومتي نوٽيفڪيشن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي زمينن جي واپسي لاء احتجاج جاري رھندو.