ملير (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽيل مل جي برطرف ڪيل ملازمن طرفان بن قاسم ريلوي ٽريڪ تي هنيل ڌرڻو ڪيئي ڪلاڪن کان جاري آهي، جنهن سبب ڪراچي کان اندرين ملڪ ايندڙ ۽ ويندڙ ٽرين سروس معطل ٿي وئي آهي.
احتجاج ڪندڙن ڇهه هزار ملازمن جي بحالي ۽ اسٽيل مل ۾ بجلي ۽ گئس جي بحالي جو مطالبو ڪيو آهي.
ڊي ايس ريلويز ڪراچي ناصر خليلي موجب، منجهند ساڍي ٻارهين وڳي کان اسٽيل مل ملازمن ٽريڪ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ٽرين آپريشن معطل آهي.
سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ناهيون ڪري رهيا، ضلعي انتظاميا سان معاملي تي ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اسٽيل مل انتظاميا سان ڳالهين لاءِ رابطو ڪيو پيو وڃي.
ٻئي پاسي ڊپٽي ڪشمنر ملير ۽ ايس ايس پي ملير ٿوري دير کانپوءِ وفد سان ملاقات ڪندا.
اسٽيل مل جي برطرف ملازمن جو بحالي لاءِ بن قاسم ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو جاري، ٽرين آپريشن معطل
You might also like