بٽلر جي جاءِ تي انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيم جي نئين ڪپتان جو اعلان

لنڊن(ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ بورڊ هيري بروڪ کي انگلينڊ جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيمن جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.
انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب، يارڪشائر سان واسطو رکندڙ ٽاپ آرڊر بيٽر هيري بروڪ کي جوز بٽلر جي جاءِ تي انگلينڊ جو نئون وائيٽ بال ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025ع ۾ انگلش ٽيم هڪ ميچ به نه کٽي سگهي هئي، ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي تي جوز بٽلر ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.
هيري بروڪ ڪپتان مقرر ٿيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيم جي قيادت ڪرڻ سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي.
هن چيو ته پنهنجي ڪٽنب ۽ ڪوچن جو ٿورائتو آهيان جن سدائين ساٿ ڏنو، سندن يقين ۽ سهڪار سبب اڄ ان مقام تي پهتو آهيان.
واضح رهي ته هيري بروڪ جنوري 2022ع ۾ انگلينڊ لاءِ ڊيبيو ڪيو هو ۽ هنيئر تائين 26 ون ڊي ۽ 44 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.