”سلمان خان سان مهينن جا مهينا ناهيان ڳالهائيندو“ سليم خان ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) اسڪرپٽ رائيٽر ۽ فلمساز سليم خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن ٽنهي پٽن مان سڀ کان وڌيڪ دڙڪا سلمان خان کي ڏنا آهن.
ويجهڙائي ۾ پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي سليم خان انڪشاف ڪيو ته هو ٽنهي پٽن کي دڙڪا ڏيندو هو پر سلمان خان وڏي هئڻ باوجود سڀ کان وڌيڪ دڙڪا کاڌا.
پنهنجي پيءُ سان لاڳاپن بابت ڳالهائيندي سليم خان چيو ته ” منهنجو پيءُ سخت انسان هو، مان کائنس ڊنل رهندو هئس، سندس چمڙي جي بوٽ جو آواز ٻڌي ڊڄي ويندو هئس پر مان چاهيان پيو ته منهنجا ٻار منهنجا دوست بڻجن.“
جيتوڻيڪ سلمان خان هڪ فرمانبردار پٽ طور ڄاتو ويندو آهي پر سليم خان ڪاوڙ ۾ اچي سلمان خان سان ڪيئي مهينن تائين ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏنو هو.
سليم خان موجب” هڪ اهڙو وقت به هو جڏهن ذري گهٽ ڇهن مهينن تائين اسان ٻنهي جو هڪٻئي سان رابطو نه ٿيو، سلمان خان جڏهن ڪو غلط ڪم ڪندو آهي ته مان ساڻس ڳالهائڻ ڇڏي ڏيندو آهيان.“
واضح رهي ته سليم خان ۽ سلميٰ خان جا ٽي پٽ سلمان خان، سهيل خان ۽ ارباز خان آهن، جوڙي کي هڪ نياڻي الويرا خان اگني هوتري ۽ هڪ هنج ورتل ڌيءَ ارپيتا خان جو اولاد آهي، سليم خان 1981ع ۾ اداڪارا هيلن سان ٻي شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.