سي آءِ ڊي: پرڌيومن جي موت کانپوءِ نئون اي سي پي ڪير؟ نالو سامهون اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرائيم شو ”سي آءِ ڊي“ ۾ ٽيم جي قيادت ڪندڙ اي سي پي پرڌيومن جي ڪردار جي موت کانپوءِ نئين اي سي پي جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪار جو نالو سامهون اچي ويو آهي.
سي آءِ ڊي جي ٻئي سيزن جي تازي قسط ۾ اي سي پي پرڌيومن مري وڃي ٿو ۽ سندس ڪيس حل ڪرڻ لاءِ اي سي پي ايوشمان آيو آهي ۽ اهو ڪردار اداڪار پارٿ سمٿان ادا ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي ٽي وي تي رومانوي ڪردارن ذريعي شهرت ماڻيندڙ پارٿ سمٿان پاڻ به ننڍپڻ کان سي آءِ ڊي شو جو مداح رهيو آهي.
ٻئي پاسي سي آءِ ڊي جي پرومو ۾ اي سي پي پرڌيومن جي موت مداحن کي ڏاڍو مايوس ڪيو آهي، ۽ مداح ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اي سي پي جي ڪردار جي واپسي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.