اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي وفد سان هنن جو ڪو رابطو ناهي ۽ اسٽيبليشمينٽ سان به رابطن بابت ڪائي ڄاڻ نه آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته آمريڪي ڪانگريس ۾ ڪيئي ٺهراءَ ۽ قانون سازي ٿيندي آهي، پي ٽي آءِ جو ان سان ڪو واسطو ناهي ۽ نه ئي ڪنهن آمريڪي وفد پاڪستان اچي پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو آهي.
هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان رابطن بابت مون کي ايتري ئي ڄاڻ آهي جيتري توهان کي آهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ايندڙ حڪمت عملي اتحادين سان گڏ طئي ڪندي، مولانا فضل الرحمان مجلس عامله کانپوءِ 15 اپريل تي فيصلي بابت آگاهه ڪرڻ جو چيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اپوزيشن پارٽين سان گڏ اتحاد ٺاهينداسين ۽ جيڪا ايندڙ حڪمت عملي هوندي اها گڏيل طور تي طئي ڪئي ويندي.
بئريسٽر گوهر پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي وفد جي پي ٽي آءِ سان رابطن بابت اهم بيان ڏئي ڇڏيو
You might also like