تيل اگهن ۾ لاٿ جو فائدو عوام کي بجليءَ جي صورت ۾ ڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجلي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي تي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بدران بجلي سستي ڪرڻ جو ارادو آهي.
اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ لاٿ سان قوم کي هر شعبي ۾ وڌيڪ فائدو پهچندو ۽ ان لاءِ وڌيڪ گهٽتائي بابت ڪوششون جاري آهن، هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪجهه مهينن اندر وڌيڪ بهتر نتيجا سامهون ايندا.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عالمي سطح تي پيٽرول جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن، ان لاءِ اسان پوري سنجيدگي سان ڪم ڪنداسين ته جيئن ان جو فائدو معيشت ۽ عوام تائين پهچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.