سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ” هيٽ ويو“ ۽ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ گرمي جي لهر (هيٽ ويو) جهڙي صورتحال ۽ مٿانهين علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب، 8 اپريل کان اولهندي هوائن جو هڪ نئون سلسلو ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 8 اپريل کان 11 اپريل دوران چترال، دير، سوات، شانگلا، ڪوهستان ۽ مانسهرا سميت ايبٽ آباد، بٽگرام، باجوڙ ۽ گلگت ۾ برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ پوٺوهار، اسلام آباد، راولپنڊي، جهلم، چڪوال، تلا گنگ، ميانوالي ۽ اتر اولهه پنجاب ۾ ڪڪر وسي سگهن ٿا.
سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي مٿانهين علائقن ۾آنڌاري جو امڪان آهي، جڏهن ته وچ ۽ ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد معمول کان يعني 4 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته هو ڏينهن جي وقت ۾ غير ضروري طور اُس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ وڌ کان وڌ پاڻي واپرائن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.