دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مٿان ٽِين ون ڊي ميچ ۾ به سلو اوور ريٽ سبب ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ٽيم کي نيوزيلينڊ خلاف شروعاتي ٻن ون ڊي ميچن ۾ پڻ ڏنڊ لڳو، پر رضوان اليون سبق سکڻ بدران ٽئين ون ڊي ۾ به ساڳي غلطي ورجائي ويٺي.
پاڪستاني ٽيم مقرر وقت ۾ هڪ اوور پوئتي رهي، جنهن سبب آءِ سي سي طرفان سلو اوور ريٽ تي پاڪستاني ٽيم مٿان ميچ فيس جو پنج سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
ٻئي پاسي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.
ياد رهي ته ٽن هڪ ڏينهن وارين ميچن جي سيريز ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ان کان اڳ نيوزيلينڊ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ به گرين شرٽس کي 1-4 تان شڪست ڏني هئي.
You might also like