لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اختيارين طرفان چيئرمين محسن نقوي جي استعيفيٰ بابت بيان سامهون اچي ويو.
پي سي بي اختيارين محسن نقوي جي چيئرمين واري عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ بابت هلندڙ خبرن کي رد ڪندي انهن کي افواهه قرار ڏنو آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ محسن نقوي کي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو صدر چونڊيو ويو هو، جنهن بعد خابرو ادارن ۽ سوشل ميڊيا تي اهو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو ته مصروفيتن سبب هو پي سي بي چيئرمين جو عهدو ڇڏڻ وارو آهي، پر هاڻي پي سي بي اهڙي قسم جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
Prev Post
You might also like