واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ بِٽ ڪوائن جي قيمت ۾ ڏهه سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ٽرمپ جي اعلانيل ٽيرف سبب ڊجيٽل ڪرنسي بِٽ ڪوائن جي قيمت ڏهه سيڪڙو لاٿ بعد 78 هزار ڊالر کان به هيٺ اچي وئي آهي، .
ٻئي پاسي، ٽرمپ جي واڌو ٽيڪسن جي اعلان کانپوءِ يورپي ۽ ايشيائي مارڪيٽن ۾ به شديد ٻاڙائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جنهن جو اثر پاڪستان سميت ٻين ملڪن جي اسٽاڪ مارڪيٽن تي به پيو آهي، جتي ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي.