سپريم ڪورٽ والد جي جاءِ تي ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازم جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڌيءَ کي نوڪري کان محروم ڪرڻ جي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي والد جي جڳهه ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو.9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکت ۾ جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عورت جي سڃاڻپ، قانوني حق ۽ خودمختاري شادي کان پوءِ ختم نه ٿيندي آهي، عدالت شادي شده ڌيئرن کي مرحوم والد جي ڪوٽا تي نوڪري نه ڏيڻ غيرقانوني ۽ امتيازي قرار ڏيندي چيو ته ڪي پي سول سرونٽس رولز جي تحت مرحوم يا طبي بنيادن تي رٽائرڊ سرڪاري ملازم جا سمورا ٻار نوڪري لاءِ اهل آهن.سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سيڪشن آفيسر طرفان هڪ وضاحتي خط جي ذريعي رولز کي تبديل ڪرڻ غيرقانوني آهي، سپريم ڪورٽ عورت کي نوڪري جي حق کان محروم ڪرڻ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي حڪم ڏنو ته لاڳاپيل کاتو درخواستگذار کي سمورين اڳوڻين مراعتن سان گڏ بحال ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.