ڳاڙهو/ڪيٽي بندر/گهوڙاٻاري(نمائندا) سنڌ جي زمينن، پاڻيءَ ۽ قدرتي وسيلن تي قبضي خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪئنالن جي اڏاوت، سامونڊي پٽي ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ، ۽ سنڌ جي زمينن جي غير ملڪي ڪمپنين حوالي ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ پاران ٻگھاڻ ۾ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن کان پوءِ ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ لال جروار، مرڪزي نائب صدر عبدالستار رند، ٺٽو ضلعي جي صدر رزاق چانڊيو، شاھ محمد چانگ، ڪيٽي بندر جي صدر اسلم سمون، سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ، ايس بي ٽي، ۽ ٻين سياسي، سماجي ۽ واپاري اڳواڻن گڏجي ڪئي.احتجاج دوران اڳواڻن هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي سخت نعرا هنيا، جن ۾ "ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور”، "پاڻي تي سنڌ جو حق آهي”، "سنڌ سان ظلم بند ڪيو” سميت ڪيترائي نعرا شامل هئا. اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي سنڌ جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ قبضا ڪري، سنڌ جي 13 لک ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين غيرملڪي سرمائيڪارن حوالي ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته هڪ پاسي پيپلز پارٽي سنڌ دشمن منصوبن جي منظوري ڏئي رهي آهي ته ٻئي پاسي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي سنڌي قوم کي دوکو ڏئي رهي آهي. سنڌي قوم هاڻي جاڳي چڪي آهي ۽ پنهنجي ڌرتي، درياهه، وسيلن جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين ويندي.