اسلام آباد(بيورو+ م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اعظم سواتي قرآن شريف تي حلف کڻي اهم انڪشاف ڪيا آهن، سندس چوڻ آهي ته عمران خان 2022 ۾ چيو ته آرمي چيف سان وڃي ڪري مليو ۽ ڳالهين جا دروازا کولڻ جو چيو، بشرا بي بي جو اهو به چوڻ هو ته شريعت موجب تڪرار ڳالهين ذريعي حل ٿيندا آهن، پر جنرل عاصم منير جي هڪ دوست عارف علوي ۽ هڪ مشهور اينڪر ذريعي ڳالهين جي ڪوشش ڪئي پر ڳالهه ٻولهه جا دروازا نه کليا، پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي خوفناڪ انڪشاف ڪندي چيو ته هن جي حُوالي سان پي ٽي آءِ جي باني عمران خان بابت ڪجهه خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن، هن چيو ته جڏهن هن پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪئي ته ان وقت بشريٰ بي بي به موجود هئي، اها ملاقات ڊاڪٽر بابر اعواڻ ڪرائي هئي ۽ ان جي پٽ عمران خان سان ملايو هو، هن چيو عمران خان 10 منٽن تائين منهنجي صحت بابت پڇندو رهيو، اعظم سواتي چيو ته خان صاحب توهان جي کيسي ۾ ڪوڙا سڪا آهن، اڄ مانسهره ۾ هڪ لک ووٽ ته پري پر هڪ سئو ووٽ به ناهن ، هن الزام لڳايو ته جڏهن اسٽيبلشمينٽ کيس اليڪشن وڙهڻ کان روڪيو ته پارٽي پاران منهنجي خلاف ماڻهن کي ميدان ۾ لاٿو،هن چيو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مون کي ٽڪيٽ ملي ۽ نواز شريف کي شڪست ڏني، اڳوڻي وفاقي وزير ڊسمبر 2022 جو ذڪر ڪندي چيو ته نئين آشرمي چيف جي مقرري کانپوءِ پي ٽي آءِ باني هن کي گهرايو ۽ چيو ته مان آرمي چيف سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ڇو جو فوجي مونکي گاريون ڏئي رهيا آهن ۽ منهنجا ساٿي ان تي کلي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ سان صلاح مشوري کانپوءِ پنهنجي استاد ذريعي جنرل عاصم منير سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عاصم منير جي ويجهي دوست عارف علوي ذريعي به ڪوشش ڪئي،پر دروازو نه کُليو.
-
غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 46 فلسطيني شهيد ٿي ويا
غزا ( ۾ ڊ) غزا جي پٽي ۾ 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 46 فلسطيني شهيد ٿي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب 18 مارچ تي ٿيندڙ جنگبندي معاهدي جي هڪ طرفي ڀڃڪڙي کانپوءِ اسرائيلي دهشتگردي جي نتيجي ۾ هينئر تائين 1309 فلسطيني شهيد ۽ 3 هزار 184 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن جڏهن ته 7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي دهشتگردي ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 20 هزار 523 ٿي ويو آهي.
-
مائڪروسافٽ ملازمن جو فلسطين جي حق ۾ احتجاجي مظاهرو
واشنگٽن ( م ڊ) ٽيڪنالاجي ڪمپني مائڪروسوفٽ جي 50 هين سالگرهه جي تقريب دوران ملازمن فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو، مائڪروسافٽ جي 50 هين سالگرهه جي تقريب ان وقت تڪراري بڻجي وئي جڏهن ڪمپني جي ملازمن فلسطين جي حق ۾ احتجاج ڪيو ۽ اسرائيلي فوج کي اي آءِ ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ تي سخت سوال اٿاريا، رپورٽ مطابق احتجاج ان وقت ٿيو جڏهن تقريب ۾ بل گيٽس ۽ اڳوڻو سي اي او اسٽيو بالمر به موجود هئا، جنهن موقعي کي وڌيڪ اهم بڻائي ڇڏيو.
-
سيڪيورٽي فورسز جي خارجين خلاف ڪارروائي، 8 ڄڻا مارجي ويا
راولپنڊي( م ڊ) پاڪ افغان سرحد تي خارجين جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 خارجي مارجي ويا، پاڪ افغان سرحد تي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز خارجين جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب خارجين جي هڪ گروپ گذريل رات پاڪ افغان سرحد تي اتر وزيرستان جي حسن خيل واري علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سڪيورٽي فورسز خارجين جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، آپريشن دوران 8 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته4 خارجي زخمي پڻ ٿيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان مسلسل افغان عبوري حڪومت کان موثر بارڊر مينيجمينٽ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي.