بي اين پي جو اڄ ڪوئيٽا طرف مارچ، ريڊ زون ۾ ايندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي

ڪوئيٽا/مستونگ (م ڊ) بلوچستان حڪومت جي هڪ اعليٰ سطح جي وفد بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراه اختر مينگل سان ملاقات ڪئي ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. حڪومت جي وفد ۾ اڳوڻو چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي، ڊپٽي اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي غزالا گولا، ۽ صوبائي وزير تعليم راحيلا دراني شامل هئا. ملاقات دوران حڪومت جي وفد اپيل  ڪئي ته اهي احتجاجي مظاهرن دوران ريڊ زون وڃڻ کان پرهيز ڪن ۽ سرياب روڊ کان ڪوئيٽا شاهواڻي روڊ تائين مارچ ڪرڻ جي درخواست ڪئي. بهرحال ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن جو چوڻ چوڻ هو ته انهن جي مطالبن جي منظوري تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي ۽ ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو. هي حڪومتي طرفان بي اين پي (مينگل) سان ٿيل ڳالهين جو ٽيون وفد هو.هوڏانهن بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو هو ته بي اين پي (مينگل) جي تجويز ڪيل لانگ مارچ بابت سيڪيورٽي خدشا موجود آهن، جيڪي ڪجهه حالتن ۾ وڌيڪ وڌي چڪا آهن. سندن چوڻ هو ته مارچ دوران ڪيل تقرير تي پڻ حڪومت کي ڳڻتي آهي، جنهن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ هاڻي قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبي ۾ هن وقت پڻ قلم 144 لاڳو آهي، ۽ ان جي خلاف ورزي جي صورت ۾ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو. ٻئي طرف، سردار اختر مينگل جي جماعت بي اين پي (ايم) 6 اپريل تي ڪوئيٽا طرف لانگ مارچ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي، ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي 5 اپريل تائين مستونگ جي علائقي لک پاس پهچ وڃن. پارٽي بي واءِ سي جي سڀني اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪري رهي آهي. لانگ مارچ ۾ بي اين پي (ايم) جي ٻيون اپوزيشن جماعتون پڻ حمايت ڪري رهيون آهن. نيشنل پارٽي، پي ٽي آءِ، اي اين پي ۽ ٻين سياسي جماعتن مارچ ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان مارچ کي هڪ وڏو سياسي اجتماع سمجهيو پيو وڃي. سرفراز بگٽي بلوچستان اسيمبلي ۾ اها تجويز پڻ پيش ڪئي هئي ته جيڪڏهن اپوزيشن چاهي ته حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي سگهي ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر مالڪ يا اپوزيشن ليڊر يونس عزيز زهري کي ڏني وڃي سگهي ٿي. هوڏانهن بلوچستان  نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل سان اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق رابطو ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اختر مينگل چيو ته اسين پنهنجو مطالبو اياز صادق جي سامهون رکيو آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي وزيراعظم شهباز شريف جي سامهون اسانجا مطالبا پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. اختر مينگل وڌيڪ چيو ته بلوچستان جون عورت اسيمبلي ميمبر مون وٽ آيون انهن کان به گرفتار عورتن جي آزادي جو مطالبو رکيو آهي.انهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مطالبو قبول نه ڪيو ويو ته ڪوئٽا طرف پرامن مارچ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.