نصيرآباد ۾ ڪئنالن خلاف صوفي فقيرجانڻ يادگار ڪميٽي جي ريلي

نصيرآباد(رپورٽ: بشير احمد بروهي) سنڌو درياءُ  مان تڪراري ڪئنالن ڪڍڻ خلاف صوفي فقير جانڻ يادگار ڪاميٽي نصير آباد  پاران جونيئر جانڻ چن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ عورتن، ٻارڙن، مردن، مزدورن، هارين، فنڪارن ۽ فقيرن سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ريلي نوناري پاڙي مان شروع ٿي ۽ آرٿر شاخ جي پل تائين جاري رهي، جتي ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي. جونيئر جانڻ چن ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءُ  ست ڪروڙ سنڌين جي زندگي آهي ۽ نون ڪئنالن جي ٺهڻ سان سنڌ جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. انهن اعلان ڪيو ته سنڌو درياءُ  تي نوان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.