سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ٻين صوبن سان ظلم آهي: عبدالغفور حيدري

ڪراچي(رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدي چيو آهي ته اسان سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪريون ٿا. ڪراچي مان جاري  ڪيل بيان ۾ مولانا عبدالغفور حيدي چيو ته سنڌو درياءُ جي پاڻي ۾ چئني صوبن جي ڪوٽا مقرر ٿيل آهي. هن چيو ته سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو واپس وٺڻ گهرجي، هن وقت سڄو سنڌ ۽ سڀ سياسي پارٽيون احتجاج ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي 6 ڪئنال معاهدي تي صحيح ڪيو آهي ۽ هاڻ عوامي دٻاءُ سبب پريشان آهي. هن جو چوڻ هو ته سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ ٻين صوبن سان ظلم ۽ نفرت جو سبب بڻجي سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.