ڪارپوريٽ فارمنگ سان زراعت تباهه ٿيندي، ڪئنالن خلاف پنجاب ۾ تحريڪ هلي پئي

لاھور (رپورٽ: حفيظ چنا)پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ليگيوئيج آرٽ ۽ ڪلچر (پلاڪ ) ھال ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي جو مسئلو ، سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ بابت پلاڪ ۽ پنجابي لوڪ سنگت پاران تقريب منعقد ڪئي وئي  ، تقريب کي پاڻي ماھر ، موسميات جي ڄاڻو ،نامياري ليکڪ نصير ميمڻ ، پاڪستان ڪسان رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻ فاروق طارق ، راوي بچايو تحريڪ جي اڳواڻ ابوذر ماڌو ، ڊاڪٽر حسن عباس، ورده شھزادي ، علي عثمان باجوا ۽ ٻين خطاب ڪيو، ان موقعي تي نامياري ليکڪ پاڻي معاملن ۽ موسميات جي ڄاڻو نصير ميمڻ چيو ته ڪافي وقت کان ملڪ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي ، پاڻي ڪوٽڙي کان ھيٺ نه پيو وڃي ، پاڻي جي شديد کوٽ ھجڻ باوجود حڪمران طبقو سواءِ بيان بازيون ڪرڻ جي ٻيو عملي ڪم ناھي ڪري رهي، ھن چيو ته سنڌ جا ماڻھو انقلابي صورتحال ۾ اچي چڪا آھي ،سنڌو تي غير قانوني ڪئنال اڏڻ خلاف ھو مسلسل گذريل ڪافي عرصي کان روڊن تي احتجاج ۾ آھن ، جيڪو انھن جو حق آھي سرڪار کي گھرجي ته ھو سنڌي ماڻھن جي آواز کي ٻڌن ٻي صورتَ ۾ ملڪ جو نقصان آھي، ڪئنالن کي قانوني طريقي سان ھميشه لاءِ رد ڪري سنڌ ۽ سنڌ واسين سان انصاف ڪن ، تقريب کي ڪسان رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻ فاروق طارق چيو ته سنڌو تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف صرف سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ نه پئي ھلي پر اھا تحريڪ پنجاب ۾ به شروع ٿي چڪي ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ زمينن جا ٺيڪا من پسند ماڻھن کي ڏنا پيا وڃن جنھن سان زراعت کي نقصان آھي ، وزيراعظم کي گھرجي ته ھو پنھنجن فيصلن تي نظرثاني ڪري سنڌو درياءُ  تي ٺھندڙ ڪئنال کي رد ڪري سنڌ واسين توڙي چولستان جي رھواسين تي رحم ڪري ، راوي بچايو تحريڪ جي اڳواڻ ابوذر ماڌو چيو ته درياءُ  جو حق سڀ کان پھريان درياءُ  جو پنھنجو آھي ، ان ۾ رھندڙ جيوت جو آھي ، سنڌو درياءُ  جو حق پھريان درياءُ  ۾ رھندڙ ٻلھڻ جو آھي ، سنڌو تي حق سنڌ واسين جو آھي ، درياهن جو مسئلو ڪير مڇي مارڻ واري کان پڇي ، درياءُ  جو مسئلي کي مڇي جي اک سان ڏٺو وڃي ، ھن چيو ته درياءُ  جا حق ادا ڪيا وڃن، درياءُ  سنڌ جا ھجن يا راوي ، ستلج جا ھجن ،ھن چيو ته درياهن تي لڳندڙ ڌاڙن سان ھزارين سالن جي ڪلچر کي نقصان آھي، درياهن تي ڌاڙن سان آبھوا متاثر ٿئي ٿي ، درياءُ  جي نقصان کي جيئن مڇي مارڻ وارو ڏسندو آھي، اسان سڀن کي ائين ڏسڻ گھرجي تقريب کي اڳواڻن ڊاڪٽر حسن عباس ، ورده شھزادي علي عثمان باجوا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته راوي، ستلج درياءُ  انڊيا کي ڏنا ويا، جيڪو آئيني طور ورلڊ ليول تي ڪرائيم ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو ڪيس ڪرڻ گھرجي اسان کي ماضي جي حڪمرانن به نقصان ڏنو آھي ھيئر جاڳڻ گھرجي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.