دادو ۾ ڪئنالن خلاف سوين شاگردن جي ريلي

دادو (رپورٽ: رپورٽ: غوث جھتيال) دادو ۾ پاڪ اسٽيڊي سرڪل پاران سنڌو درياھ مٿان ڇهه تڪراري ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي زمين تي والار خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي قاضي لائبريري پارڪ  کان پريس ڪلب دادو پهتي جنهن ۾ سوين نوجوانن ۽ شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ علي ڪورائي ۽ ٻين چيو ته وفاق ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن جي زمينن تي والار ڪري رهيو آهي، جنهن سان لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي، سنڌو درياھ مان ڇهه تڪراري ڪئنالن ڪڍڻ سان سنڌ جون زمينون غير آباد ٿي وينديون، انڪري وفاقي حڪومت هن منصوبي کي رد ڪري.

  • شھدادڪوٽ ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

شهدادڪوٽ ( رپورٽ: ثمر ڀٽي)شھدادڪوٽ ۾ سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن مرڪزي وائيس چيئرمين رمضان  بليدي ۽ ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ڪارڪنن نامنظور نامنظور ڪئنال نامنظورجا نعرا پڻ هنيا، احتجاج بعد رمضان بليدي پنهنجي اڳواڻن ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ ۽ ڪامريڊ انور مغل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ اسان جو پالڻهار آهي جنهن جي وسيلي 7 ڪروڙ ماڻهو پلجي رهيا آهن جيڪڏهن ان تي 6 ڪئنال ٺاهيا ويا ته سمججهو ڄڻ 7 ڪروڙ ماڻهو جيئري ئي مري ويا، ان ڪري رٿا کي فوري ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.