ماهه رنگ بلوچ سان انتظاميا جون ڳالهيون

اسلام آباد (منصور علي خان) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي گذري، جتي آرمي چيف جنرل عاصم منير  کي قومي سلامتي جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس دوران هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم ورجايو ويو ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ عنصرن خلاف سخت رياستي قوت جي استعمال جو اعلان ڪيو ويو. فوجي ترجمان جي پريس رليز مطابق، بي واءِ سي (BVC) ۽ ان جي مبينه طور بلوچ لبريشن آرمي (BLA) سان لاڳاپن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو ته رياست ڪنهن به اهڙي گروهه يا شخص سان نرمي جو ورتاءُ نه ڪندي جيڪو ملڪ جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي. پريس رليز ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن جو به ذڪر ڪيو ويو، جنهن مان عالمي سطح تي پاڪستان جي روايتي موقف جي ورجاءَ جو تاثر ملي ٿو. ٻئي طرف، بلوچ اڳواڻ ماهرنگ بلوچ بابت به اهم معلومات سامهون آئي آهي. سندس ڀيڻ ناديا بلوچ ٽوئٽ ڪندي ٻڌايو ته ماهرنگ سان جيل ۾ ملاقات ٿي آهي، جيڪا ڊپٽي ڪمشنر ڪوئٽه جي سربراهي ۾ ڳالهين جو حصو هئي. ان کانسواءِ، لڪ پاس وٽ احتجاج دوران بي وائي سي جي عهديدار سميعا بلوچ کي قومي اڳواڻ اختر مينگل پاران چادر اوڍائڻ جي تصوير منظر عام تي آئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.