اسلام آباد/ڪراچي (رزاق کٽي) سنڌو درياءُ تي ڪئنالن جي معاملي تي جڏهن پيپلزپارٽي تي تنقيد ٿي رهي هئي ته پيپلزپارٽي وارا اهو چئي رهيا هئا ته 4 اپريل تي بلاول ڀٽو زرداري اهم اعلان ڪندو، اهڙيون اميدون جيالن به لڳائي ورتيون هيون، جيالا وفاق توسان جهيڙو آ جا نعرا هڻندا رهيا پر ڪو وڏو اعلان نه ٿي سگهيو، رڳو شڀ شڀ ڳالهايون جون نصيحتون ڪيون ويون. ان کان اڳ پيپلزپارٽي جي احتجاجن ۾ جن جيالن ۽ اڳواڻن جرنيلن خلاف نعريبازي ڪئي هئي انهن جو به سافٽ ويئر به اپ ڊيٽ ڪيو ويو هو. شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي عوام بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪئنالن بابت واضح اعلان ڪيو وڃي. سوا ڪلاڪ جي تقرير دوران بلاول ڀٽو زرداري آخري حصي ۾ ڪئنالن جو ذڪر ڪيو. بلاول کي به اندازو هو ته ماڻهو ڇا ٻڌڻ چاهين ٿا پر هو حد کان اڳتي نه وڌيو. بلاول ڀٽو زرداري ڪئنالن بابت ن ليگ جي موجوده حڪومت جي راءِ جو ذڪر نه ڪيو. سندس تقرير ٻڌي لڳي رهيو هو ته هو ڪئنال منصوبي وارن کي وڌيڪ ڪاوڙائڻ نه پيو چاهي. ان ڪري هن وفاقي حڪومت کان ڪئنالن جي اڏاوت جو فيصلو واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڪا ڊيڊ لائن به نه ڏني، ابتو هن ٿورا مڃيا ته هو هن منصوبي کي ايڪنڪ ۾ نه کڻي وئي. هن ڀيري سندس تقرير ۾ جڏهن هاڪاري سياست جو وري وري ذڪر آيو ته عمران خان جي دور ۾ ان وقت جي آءِ ايس پي آر جي سربراهه جنرل آصف غفور جي پريس ڪانفرنس ياد اچي وئي جڏهن هن صحافين کي چيو هو ته 6 مهينا هاڪاري رپورٽنگ ڪريو پوءِ اوهان جي مرضي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن آهي، صحافين کي پنهنجي مرضي هلائڻ جو وري موقعو ناهي مليو. بلاول ڀٽو جي تقرير ٻڌي ائين لڳو ته ڄڻ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس جو سياسي ورزن هلي رهيو هو، جنهن ۾ رڳو هاڪاري کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هو. آخر ۾ چيائين ته ڪئنالن خلاف هاڻي هو پاڪستان کپي جي نالي سان تحريڪ هلائيندو، ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ جلسا ٿيندا ۽ وفاقي حڪومت کان منصوبا واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويندو جيڪا سندن حمايت جي ڪري سلامت آهي. هو ان ڀٽو جي مزار سامهون عوام سان ڳالهائي رهيو هو جنهن مصلحيت بدلي مزاحمت جي چونڊ ڪئي ۽ ڦاهي قبول ڪئي. پ پ چيئرمين مزاحمت بدران مصلحيت جي سياست جي تلقين ڪندو رهيو، وقت سان گڏوگڏ ماڻهو پريڪٽيڪل ٿي ويندا آهن، يا ته بي وس يا وري وڌيڪ عقلمند.