”منهنجو ٽائيم به ايندو“ پَلڪ تيواري بالي ووڊ ۾ نالو ٺاهڻ لاءِ پراميد

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اُڀرندڙ اداڪارا پَلڪ تيواري فلم انڊسٽريءَ ۾ موجود غير يقيني واري صورتحال جو اعتراف ڪيو آهي.
پنهنجي هڪ انٽرويوءَ دوران نوجوان اداڪارا نون اداڪارن تي ٿيندڙ تنقيد، بالي ووڊ ۾ پکڙيل غيريقيني واري صورتحال ۽ نون چئلينجز تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن چيو ته اِها ڳالهه صحيح آهي ته موجوده فلمي ستارن جهڙو مقام حاصل ڪرڻ ۾ نون اداڪارن کي ٿورو وقت لڳندو پر اسان نيٺ فلمي شوقينن جون دليون کٽي وٺنداسين.
پلڪ تيواري وڌيڪ چيو ته ” مان ٿوري ڊنل ضرور آهيان، پر مان مڃان ٿي ته منهنجو وارو به ايندو جنهن في الحال اڃا وقت پيو آهي، يقين آهي نوان اداڪار مداحن جون دليون فتح ڪندا. “
سندس اِهو به چوڻ هو ته هن وقت هر ڪوئي مونجهاري جو شڪار آهي، بالي ووڊ ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي، اسان اُهو سڀ چاهيون ٿا جيڪو اسان جي سپر اسٽارز کي مليو آهي.
هن فلمن تي ملندڙ فيڊ بيڪ يا تنقيد پهريان کان گهڻو سخت ٿي ويئي آهي، جنهن جو هڪ ڪارڻ فلمي شوقينن جي مايوسي پڻ آهي، جنهن اداڪارن کي به مايوس ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.