غوثپور (رپورٽر) غوثپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو.
ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي ۾ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو ۽ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.
فائرنگ ۾ 17 ورهين جو ظهير پٽ ڏاڏو اوڳاهي مارجي ويو ۽ جوابدار ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا.
مقتول نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو.