ڀريا (رپورٽر) ڀريا ۾ مسافر وين اونڌي ٿيڻ سبب 8 عورتن سميت 17 مسافر زخمي ٿي پيا.
قومي شاھراھه تي ڪيريا اسٽاپ ڀرسان سيوهڻ کان سکر ويندڙ مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرو مان نڪري اونڌي ٿي پئي.
حادثي ۾ 8 عورتن سميت 17 مسافر زخمي ٿي پيا، جن ۾ دلشان خاتون، باسط علي، اسما، بابر علي، عاجز، شيرو، همير، ڪثوم، ناديا، پرويز، صدام ۽ ٻيا شامل آهن.
اطلاع تي ريسڪيو عملي، پوليس ۽ ڳوٺاڻن پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان 5 مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين نواب شاهه ريفر ڪيو ويو.
You might also like