جليانوالا باغ سانحي تي ٺاهيل فلم” ڪيسري ٽو“ جو ٽريلر جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) 13 اپريل 1919ع ۾ برطانوي فوج طرفان جليانوالا باغ ۾ ڪيل قتلام جي ڪهاڻي تي آڌاريل بالي ووڊ فلم ” ڪيسري ٽو “ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.
ڪيسري ٽو ۾ اڪشي ڪمار، آر ماڌون ۽ اننيا پانڊي مک ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
فلم جي ڪهاڻي جليانوالا باغ قتلام کانپوءِ برطانوي حڪومت خلاف سياستدان، وڪيل سي.سنڪرن جي عدالت ويڙهه تي ٻڌل آهي.
فلم ۾ اڪشي ڪمار وڪيل سي. سيڪرن جڏهن ته آر ماڌون سندس مخالف يعني برطانوي حڪومت جو ڪيس وڙهندي نظر ايندو.
اداڪارا اننيا پانڊي به فلم هڪ وڪيل جي روپ ۾ نظر ايندي، جڏهن ته ٽريلر ۾ڪيئي دفعا جليانوالا باغ سانحي دل کي ڌوڏيندڙ منظر ڏيکاريا ويا آهن.
ڪرن سنگهه تياگي فلم جو هدايتڪار آهي جڏهن ته ان کي ڪرن جوهر جي” ڌرما“پروڊڪشن ڪمپني پروڊيوس ڪيو آهي.
اِها فلم اڪشي ڪمار جي 2019ع ۾ رليز ٿيل بلاڪ بسٽر” ڪيسري“ جو سيڪوئل آهي، جيڪا پڻ حب الوطني جي ڪهاڻي تي آڌاريل هئي.
” ڪيسري ٽو“ هلندڙ مهيني 18 اپريل تي ڀارت سميت سڄي دنيا جي سئنما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.