لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظمي بخاري دعويٰ ڪئي آهي ته چولستان ڪئنالز منصوبي تي سنڌ ۾ رڳو سياست ٿي رهي آهي، منصوبي جي صدر منظوري ڏني آهي ۽ مسودي تي سندس صحيح به ٿيل آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظمي بخاري چيو ته بلاول جي ڳالهين جو جواب نٿي ڏيڻ چاهيان، ڪئنال رٿا جو حل جلسن يا ميڊيا تي بيان بازي مان نه نڪرندو.
عظميٰ بخاري خيبرپختونخوا حڪومت تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته صوبي مان ڪرپشن جا داستان سامهون اچي رهيا آهن، خيبرپختونخوا وارا پينشن فنڊ به نٿا ڇڏين.