ٽرمپ جي سڌي ريت ڳالهين جي آڇ، ايران جو موقف سامهون اچي ويو

واشگنٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي سڌي ريت ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته ايران سان سڌي ريت ڳالهيون ڪرڻ ۾ بهتري آهي، ڇو ته اِهو تيز ترين عمل آهي ۽ ٻي ڌر کي سمجهڻ جو موقعو ملندو.
صدر ٽرمپ چيو ته ايران ٽياڪڙي ڪرائيندڙن کي استعمال ڪرڻ چاهي پيو پر شايد هاڻي ائين نه ٿئي، ايران سڌي ريت ڳالهين تي راضي ٿي ويندو.
ٻئي پاسي ايران ۽ آمريڪا سڌي ريت ڳالهين بدران ٽياڪڙي ذريعي ڳالهين تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
عرب ميڊيا موجب، ايراني جوهري پروگرام بابت عمان ۾ ڳالهيون ٿيندي، ۽ ايندڙ ٽن هفتن ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.