ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪئنالن بابت اجلاس جي منٽس کي من گهڙت قرار ڏيندي چيو آهي ته منٽس ۾ڪٿي به ” اپروول “ جو لفظ نه آهي.
هن پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جي بيان تي افسوس ٿيو، اوهان کي آئين پڙهڻ اچي ٿو؟ توهان جو وفاق سان ڪو مسئلو آهي ته گهر وڃي حل ڪيو، آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته صدر منظوري ڏيندو؟
هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪئنالن واري مسئلي تي سياست ناهي ڪري رهي، اِها پنجاب جي ايجنڊا ٿي سگهي ٿي ته پيپلز پارٽي جا وفاق سان اختلاف هجن.