ڊاڪٽر عاصم صدر جي صحت بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين آصف علي زرداري جي صحت بابت افواهن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرون ۽ تصويرون جعلي ۽ بي بنياد آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته صدر آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي ۽ کيس سڀاڻي يا پرينهن اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو.
هن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته صدر آصف علي زرداري بابت سوشل ميڊيا ۽ ڀارتي ميڊيا تي بي بنياد خبرون هلي رهيون آهن.
هن چيو ته صدر گذريل ڇنڇرتي اسلام آباد کان نوابشاهه ويو ۽ مان ڪراچي ۾ هيس، صدر عيد واري ڏينهن فون ڪري ٻڌايو ته سندس طبيعت ناساز آهي.
ڊاڪٽر عاصم حسين ٻڌايو ته صدر عيد جي ڏينهن شام جو ٻيهر فون ڪيو ۽ چيو ته سيءُ ٿي رهيو آهي، بخار ٿي ويو آهي، رات نوابشاهه پهچڻ کانپوءِ اتي سهولت نه هئڻ سبب سومر جي ڏينهن صدر کي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ سندس ٽيسٽ شروع ڪيا ويا، ٽيسٽ کانپوءِ صدر ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي.
هن چيو ته سياسي مخالفن کي جيڪو وڻي چون، ڀارت ته آهي ئي اسان جو دشمن، پر سوشل ميڊيا تي جيڪي خبرون هلي رهيون آهن اِهي غير مناسب ۽ بي ڪوڙيون، صدر بلڊ پريشر ۽ شوگر جو مريض آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.