بي اين پي احتجاج، اختر مينگل نه مڙيو ته ٻيا آپشن موجود آهن:ترجمان بلوچستان حڪومت

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي، پر ان کي اجازت نه ڏني ويندي.
صوبائي حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سردار اختر مينگل سان حڪومت ڪميٽي ٻه گڏجاڻيون ڪيون ۽ حڪومت بي اين پي کي سرياب روڊ تي احتجاج لاءِ جاءِ جي آڇ ڪئي، پر بي اين پي ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن جي اجازت نه ڏني ويندي.
شاهد رند جو چوڻ هو ته بي اين پي ڪوئيٽا ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري چڪي آهي ۽ قلم 144 لاڳو آهي، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو.
هن چيو ته صوبائي حڪومت صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ ڳالهين ذريعي معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن اختر مينگل ضد نه ڇڏيو ته حڪومت وٽ ٻيا آپشنز موجود آهن.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سردار اختر مينگل جي قيادت ۾ بي اين پي جو لانگ مارچ وڍ کان شروع ٿيو، پر مستونگ وٽ رستو بند هئڻ سبب اتي ئي ڌرڻو هنيو ويو جيڪو اڄ نائين ڏينهن به جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.