لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظمي بخاري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جلد ئي هڪ ٻي وڏي خوشخبري جو اعلان ڪرڻ وارو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري حڪومت طرفان ڏنل عوامي رليف، معاشي استحڪام ۽ حڪومتي قدمن تي تفصيلي روشني وڌي.
عظمي بخاري جو چوڻ هو ته عيد الفطر کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو، جيڪو اونهاري ۾ عوام لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته اهو رليف بلڪل وقتائتو آهي ۽ حڪومت آءِ ايم ايف کي قائل ڪري هڪ وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي، جڏهن ته وزيراعظم جلد هڪ ٻي وڏي خوشخبري جو اعلان ڪرڻ وارو آهي.
You might also like