نجي حج اسڪيم ۾ ڪوتاهي ۽ سعودي پاليسي نظرانداز ڪرڻ وارو معاملو، وزيراعظم جو نوٽيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف نجي اسڪيم تحت حاجين جي بروقت انتظامن ۽ سعودي پاليسي کي فالو نه ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي 70 هزار حاجين جي ڪوٽا لاءِ انتظامن۾ دير ۽ سعودي پاليسي کي فالو نه ڪرڻ بابت 3 رڪني حج انتظامي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي ۾ ڪابينا سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جو چيف سيڪريٽري شامل آهن، ڪميٽي ٽن ڏينهن اندر پنهنجون سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي.
ڪميٽي سعودي عرب جي حج پاليسي کي مذهبي مامرن واري وزارت ۽ نجي حج آپريٽرن جي ذريعي لاڳو نه ڪرڻ واري معاملي جاچ ڪندي.
ان کانسواءِ ڪميٽي مذهبي مامرن واري وزارت طرفان نجي حج آپريٽرن لاءِ گهربل رسمي ڪارروائيون مڪمل ڪرائڻ جي ڪوشش جو جائزو پڻ وٺندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.