اسلام آباد(منصورعلي خان) اختر مينگل اعلان ڪيو آهي ته اگر ماهرنگ بلوچ کي آزاد نه ڪيو ويو ته پوءِ 6 اپريل تي صبح جو هو ڌرڻي جي شرڪاءِ سميت ڪوئٽه ڏانهن پنهنجي مارچ شروع ڪري ڇڏيندو. اگر پرامن مارچ خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ته ان جي سموري ذميواري اسٽبلشمنٽ ۽ انتظاميه مٿان هوندي.هر بلوچ ۽ پشتون ڪلهو ڪلهي ۾ ملهائي گڏ بيهي.حڪومتي ذريعين مطابق انهن اختر مينگل کي ڪوئٽه ۾ جلسي لاءِآڇ ڪئي آهي پر کيس ڌرڻي جي اجازت نه ڏني ويندي.ٻئي پاسي بي اين پي ۽ حڪومت وچ ۾ بيڪ ڊور رابطا بحال آهن ۽ معاملن جي حل لاءِ ڪوشش ٿي رهي آهي ٻئي پاسي ڌرڻي واري هنڌ جي چوڌري خندقون کوٽيون ويون آهن ته جئين ماڻهو اتي نه پهچي سگهن. ٻئي پاسي گهرام بگٽي پاران 72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو ويو هيو .گهرام بگٽي جي ڪزن شاهزين بگٽي چيوآهي ته ممڪن آهي ته اسان جو مارچ به اختر مينگل جي مارڇ سان گڏجي وڃيئ. پي ٽي آئي ۽ اچڪزئي پاران به انهن کي حمايت هاصل آهي. ٻئي پاسي بلوچ ريپبلڪن پارٽي پاران گهرام بگٽي جي ريلي کي مسترد ڪيو ويو آهي.هنن مطابق رياست گهرام بگٽي جهڙن ماڻهن کي استعمال ڪندي آهي. ٻئي پاسي پوليس پاران گهرام بگٽي کي گرفتار به ڪيو ويوآهي.