روزانو سنڌ جي مُک شاهراهه تي ڌرڻو هڻنداسين: قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي زمينن تي مختلف پروجيڪٽجي نالي ۾ ولار ۽ سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف تحريڪ هاڻي عوامي ۽ قومي تحريڪ بڻجي چڪي آهي، سنڌ سدائين پرامن سياسي جدوجھد ڪري سنڌ دشمن فيصلن کي رد ڪرايو آهي ۽ هاڻي به ڪرائيندي، سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن ۽ وسيلن جي رکوالي ڪرڻ ڄاڻن ٿا، ملڪ جي حڪمرانن کي هاڻي سوچڻو پوندو ته صوبن جي مرضي کان سواءِ ڪيل سندن فيصلا ملڪ جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا، هن چيو ته ايس ٽي پي پاران اعلان ڪيل احتجاجي ڌرڻا 10 اپريل کان شروع ٿيندا ۽ روزانو سنڌ جي مُک شاهراهه تي ڌرڻو لڳندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.