ورلڊ ايڪانامڪ فورم ۽ گلوبلسٽ دنيا لاءِ ڪھڙي حڪومت چاهن ٿا؟

تحرير; ڊاڪٽر سڪندر مغل

ٽيڪنوڪريسي کي اڳتي وڌائيندڙ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي نيشنل سيڪيورٽي جو اسسٽنٽ برزنسڪي هو. هن ڊيوڊ راڪفيلر ۽ هينري ڪسنجر سان ملي 1973 ۾ مشھور زمانه ٽرائليٽرل ڪميشن (Trilateral Commission) جو بنياد وڌو، جيڪا اڳتي هلي ورلڊ ايڪانامڪ فورم بڻي. هي جديد عالمگيريت جي شروعات هئي.

ٽيڪنوڪريسي جو مطلب اهو هو ته دنيا کي انجنيئر، سائنسدان ۽ ٽيڪنيشن هلائيندا. هنن جو خيال هو ته رڳو سائنسي ڄاڻ ئي هڪ مستند ڄاڻ هوندي آهي. ان ڪري هنن سائنٽزم (Scientism) جي ڳالهه ڪئي، يعني رڳو هيڪلي سائنس ئي توهان جي سمورن سوالن جا جواب ڏئي سگهي ٿي.

ٽيڪنوڪريسي جو تصور 19 صديءَ جي آخر ۾ اسريو ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ ان کي 1930ع ۾ ترقي ملي. هن خيال هٽلر کي ڪشش ڪئي ۽ هن جي حڪومت ٿرڊ ريچ (Third Reich) سائنسدانن ۽ انجنيئرن طرفان هلائي وئي، نه ڪه سياستدانن طرفان. آمريڪا ۾ جمي ڪارٽر جي صدر ٿيڻ ۽ بزنسڪي جي صدر جي سيڪيورٽي صلاحڪار بڻجڻ سان ٽيڪنوڪريٽ پھريون دفعو حڪومت ۾ داخل ٿي ويا ۽ پاليسيون پنھنجي حق ۾ ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويا.

برزنسڪي ۽ هينري ڪسنجر، چين کي دنيا جي اسٽيج تي متعارف ڪرايو. برزنسڪي لاءِ چيو ٿو وڃي ته هن دينگ زيائوپنگ ۽ چين کي ٽيڪنوڪريسي بابت سيکاريو. ٽرائليٽرل ڪميشن جا ميمبر دنيا ۾ هڪ نئون بين الاقوامي معاشي نظام (New International Economic Order) پئدا ڪرڻ چاهن پيا. جمي ڪارٽر جي سمور ي ڪابينا جا ميمبر هن ڪميشن جا ميمبر هئا. بل ڪلنٽن ۽ الگور به هن ڪميشن جا ميمبر آهن. جارج ڊبليو بش ڊڪ چيني، اوباما ۽ هاڻي جوبائيڊن جي حڪومت. ٽرمپ جي دور ۾ اهي گهڻو سرگرم نه رهيا پر پوءِ به ٽرمپ گلوبلسٽن کي گهڻو نقصان نه پھچائي سگهيو.

ورلڊ ايڪانامڪ فورم به ساڳئي قسم جي ماڻهن جو ٺھيل آهي پر ان جي ميمبرشپ وسيع قسم جي آهي. ان ۾ ميڊيا جا ماڻهو، وڪيل، سياستدان ۽ وڏين ڪمپنين جا سربراهه شامل آهن. WEF پنھنجن منصوبن ۾ بلڪل کليل آهي. ان جي ويب سائيٽ تي لکين ڪروڙين مضمون پيا آهن، جن ۾ توهان گم ٿي سگهو ٿا. اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جھڙي آهي ته WEF، اقوام متحده سان مضبوطيءَ سان ڳنڍيل آهي، انھن ٻنهي ادارن ۾ ڪو اختلاف ڳولڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. هاڻي WEF مٿان اهو ذمو رکيو ويو آهي ته اهو ٽرائليٽرل ڪميشن جي منصوبي- نئين بين الاقوامي معاشي نظام کي پايهءِ تڪميل تي پھچائي. ڪلاس شواب جو ٻيھر ٺيڪ ٿيڻ جو عظيم تصور (Great Reset) نئون بين الاقوامي معاشي نظام آهي. اهو ٽيڪنوڪريٽڪ نظام آهي. اهو هڪ وسيلن – تي بيٺل نظام آهي، جنھن ۾ هو سمورن وسيلن جا مالڪ هوندا ۽ توهان ۽ اسان وٽ ڪجهه به نه هوندو.

ورلڊ ايڪانامڪ فورم جو سربراهه شواب ۽ هن جي ڊيووس ٽيم حڪومتن جي خلاف آهن، هو سمورن ادارن ۽ جوڙجڪن جا اختيار ختم ڪرڻ چاهن ٿا. شواب جي نظر ۾ وڏيون ڪارپوريشنون حقيقي حڪومتون (Defacto Governments) هجڻ گهرجن. پيٽرڪ ووڊ (Patrick Wood) هڪ معاشي ماهر ۽ مصنف ٽيڪنوڪريسي لاءِ هيئن لکي ٿو، ”عظيم مايوسيءَ (Great Depression) جي اونھاين دوران معاشرو، ٽيڪنوڪريسي لاءِ تيار هو. اها ڳالهه يقيني طور تي ظاهر ٿي ته سرمائيداري نظام مري چڪو آهي. بي روزگاري، مھانگائي، بک، سياستدانن ۽ سرمائيدارن تي ڪاوڙ ۽ ٻيا سماجي دٻاءَ ماڻهن کي اهو پڇڻ تي مجبور ڪري رهيا هئا ته ڇا غلط ٿيو ۽ ان کي درست ڪرڻ لاءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو. ٽيڪنوڪريسي. انڪ (Technocracy. Inc.) وٽ ٻئي شيون هيون. سرمائيداري نظام هڪ فطري موت مري چڪو هو ۽ ٽيڪنوڪريسي تي بيٺل معاشرو ئي انھن کي بچائيندو. انجنيئر، سائنسدان ۽ ٽيڪنيڪيشن جيڪي هن ٽيڪنوڪريٽڪ خيالي دنيا (Utopia) کي هلائيندا سموري گند ۽ بدعنوانيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندا، ماڻهن کي رڳو هفتي ۾ 20 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هر ماڻهوءَ کي روزگار هوندو. هر هنڌ جهجهائپ هوندي“.

سڀاڻي جي دنيا ۾ جيڪڏهن توهان حڪومت جون پاليسيون مڃڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ توهان جو انٽرنيٽ ڪنيڪشن، فون، بئنڪ اڪائونٽ يا نوڪري ختم ڪري سگهجي ٿي. توهان مٿان نظر رکڻ يا چوڪيداري ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي (Surveillance Technology) ۾ توهان کي ڪمپنيءَ / حڪومت طرفان هڪ ڊجيٽل پٽي (Biometric Bracelet) پارائي ويندي، جيڪا توهان جي جسم جو گرميءَ جو درجو ۽ دل جي رفتار 24 ڪلاڪ نوٽ ڪندي رهندي. ان معلومات جو حڪومت جي ٺھيل الگوردم طرفان تجزيو ڪيو ويندو. الگوردم کي توهان کان به اڳ ۾ خبر پوندي ته توهان بيمار آهيو. اهي اهو به معلوم ڪري وٺندا ته توهان ڪٿي هيو ۽ ڪنھن ڪنھن سان مليا هيؤ. اهڙي طرح حڪومت ڪنھن به ڦھلجندڙ وبا/ جراثيمي بيماريءَ جي ڦھلاءَ کي وقت سر ٻنجو ڏئي سگهندي.

علي بابا ڪمپنيءَ جي صدر جي ميخائيل اوانس (J.Michael Evans) ڊيووس ۾ ڳالهائيندي هيئن چيو ته هن جي ڪمپني چين ۾ ماڻهن جي چوڪسي ڪرڻ جي نظام (Surveillance System) جا نوان طريقا متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي. اسان اهڙي ٽيڪنالاجي ٺاهي رهيا آهيون جنھن سان ماڻهو پنھنجي ڪاربان استعمال جا نشان ماپي سگهندا. يعني اهو ته هو ڪاڏي سفر ڪري رهيا آهن، ڪيئن سفر ڪري رهيا آهن، ڇا کائي رهيا آهن وغيره. چين ڪيترن ڏهاڪن کان گلوبلسٽن لاءِ هڪ تجرباتي ليباريٽري بڻجي چڪو آهي.

WEF جي شواب جي نظر ۾ ڪرونا 19 وبا جي ڦھلجڻ سان انسانذات ”بدنظميءَ جي دور“ (Age of Entropy) ۾ داخل ٿي رهي آهي، جنھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گلوبل گورننس“ (Global Governance) ضروري آهي.

2017 ۾ راڪفيلر ۽ بل گيٽس دنيا جي سمورن ماڻهن جي ڊجيٽل سڃاڻپ (Digital Identification) آئي ڊي 2020 (ID 2020) تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر ان منصوبي کي گهڻي پذيرائي نه ملي سگهي. پوءِ جڏهن ڪووڊ 19 وبا 2020 ۾ ڦھلي، راڪفيلر ۽ بل گيٽس کي پنھنجي منصوبي کي عملي جامو پھرائڻ جو موقعو مليو. هڪ ڊجيٽل آئي ڊي، هڪ QR ڪوڊ جيان توهان جي موبائيل فون ۾ توهان جي ذاتي معلومات تائين رسائيءَ جي هڪ داخلا پوائنٽ هوندي آهي. 2021 جي آگسٽ مهيني ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، بل گيٽس ۽ راڪفيلر فائونڊيشن جي امداد سان، ويڪسين پاسپورٽ جون هدايتون شايع ڪيون.

راڪفيلر فائونڊيشن اڳ ۾ نه رڳو ڪرونا وبا جي خاتمي لاءِ پر ان وبا کي موسمياتي تبديلي، سماجي انصاف ۽ وائرس طرفان وڌيڪ خراب ڪيل ٻين اڻبرابرين کي منھن ڏيڻ لاءِ به هڪ وسيلي طور استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ ارب ڊالرن جي امداد ڏني.

مستقبل جي حڪومت شھرين کي ڪيئن ڪنٽرول ڪندي؟

تقرير تي پابندي:

آسٽريليا جي E-Safety ڪمشنر، جولي انمين گرانٽ، WEF ۾ ڳالهائيندي هيئن چيو،

”اسان پاڻ کي هڪ اهڙي هنڌ تي ڏسون ٿا جتي اسان کي هر هنڌ وڌندڙ مخاثمت (Polarization) ۽ هر شيءِ ٻٽي محسوس ٿئي ٿي، جڏهن ته ائين ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. ان ڪري مان سوچيان ٿي ته اسان کي انساني حقن جي سمورن قسمن جي نئين سر ماپ ڪرڻ لاءِ سوچڻ کپي، جيڪي آن لائين سرگرم آهن، ڳالهائڻ جي آزاديءَ کان وٺي، آن لائين تشدد کان آزاد هجڻ تائين“.

يعني حڪومت ڪنھن به اهڙي تقرير تي پابندي يا ان کي محدود ڪري سگهي ٿي، جنھن لاءِ اها سمجهندي ته اها سندن سياسي طاقت کي متاثر ڪري ٿي.

ڪي ماڻهو ڪلاس شواب ۽ هن جي دوستن کي بدبخت گلوبلسٽ مافيا (Evil Globalist Cabal) قرار ڏين ٿا، جيڪي انسانذات کي تبديل ڪرڻ چاهن ٿا.

مئي 2022-23 تي شواب WEF جي گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪندي چيو،

”مستقبل محض ٿي نه رهيو آهي، مستقبل اسان طرفان، هن ڪمري ۾ موجود 2500 ماڻهن جي طاقتور برادري طرفان تعمير ڪيو ويو آهي. اسان وٽ دنيا جي حالت کي سڌارڻ جا وسيلا آهن“.

ڊجيٽل قيدخانو (Digital Gulag)

جنوري ۽ فيبروري 2022 تي ٽرڪن جي هڪ قافلي ڪئناڊا جي پارليامنيٽ کي، ڪووڊ وبا جي ڪري پيل پابندين (ويڪسين لازمي ڪرائڻ، لاڪ ڊائون وغيره) خلاف گهيراءُ ڪيو.

هنن ڊرائيورن GoFundMe جي نالي سان چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو جنھن تي پابندي مڙهي وئي. ان کان پوءِ هنن وري ڪرپٽو فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي آن لائين سائيٽ کولي، جنھن کي به ڪئناڊا جي فيڊريل پوليس بند ڪرائي ڇڏيو. ڪئناڊا جي وزيراعظم آخر ۾ نيٺ ايمرجنسي ائڪٽ جو نفاذ ڪيو، جنھن سان ٽرڪ ڊرائيورن جا فنڊ ۽ پگهارون به بند ڪيون ويون ۽ انھن کي گرفتار ڪيو ويو. ٽيڪنالاجي هاڻي ايتري ترقي ڪري چڪي آهي جو توهان کي توهان جي موبائل فون ذريعي GPS معرفت ڳولي سگهجي ٿو ۽ توهان جون سموريون موبائل ايپس (Mobile Apps) بند ڪري سگهجن ٿيون، توهان جا خيال، مصنوعي ذهانت طرفان تجزيو ڪيا ويندا ۽ توهان کي فوراً انھن خيالن ڪري سزا ڏئي سگهبي. هيءَ ئي اها دنيا آهي، جيڪا گلوبل حڪومت ۽ WEF چاهن ٿا.

روسي صدر پيوٽن جي يوڪرين تي حملي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايپل پي (Apple Pay) ۽ گوگل پي (Google Pay) بيشمار عام روسي شھرين جا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا.

پئسن کانسواءِ (Cashless) هجڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته معاشري ۾ زنده رهڻ جي توهان جي اهليت ڪنھن به وقت حڪومت طرفان بند ڪري سگهجي ٿي.

چيني حڪومت جي اِي – سنواءِ (e-CNY)، بِٽ ڪئائن جيان سرڪاري سرپستيءَ هيٺ ڄڻ هڪ طرح جي ڪرپٽو ڪرنسي آهي. هونئن ڪرپٽو ڪرنسي، مرڪزي ڪنٽرول کانسواءِ (Decentralized) ڪرنسي آهي پر چين جي هيءَ ڪرنسي، سرڪار جي ڪنٽرول هيٺ هوندي.

چين جو ڊجيٽل يوئان (Digital Yuan)، مرڪزي بئنڪ جي ڊجيٽل ڪرنسي (CBDC) آهي.

يوڪرين جي صدر زيلنسڪي ۽ وائيس پرائيم منسٽر ميخائولو فيڊوروف، يوڪرين لاءِ اسٽيٽ اِن اي سمارٽ فون (State in a Smart Phone) پراجيڪٽ شروع ڪيو، جيڪو 2024 تائين 100 سيڪڙو سموريون سرڪاري خدمتون ماڻهن کي سندن موبائلن تي آن لائين مھيا ڪري ڏيندو. يوڪرين ڊجيٽل ID خدمتون ويڪسينيشن، اليڪٽرانڪ پاسپورٽ ۽ ڪووڊ سرٽيفڪيٽ به مھيا ڪنديون. توهان جا پئسا توهانجا نه هوندا، اهي هڪ مرڪزي ڊجيٽل سسٽم ۾ رکيل رقم هوندا، جنھن کي حڪومت هلائيندي. اهو نظام توهان جي خريداريءَ جي اهليت کي ڪنھن به وقت متاثر ڪري سگهي ٿو.

ويجهي مستقبل جي دنيا ۾ حڪومتن کي طبعي ڪئمپن يا جيلن جي ضرورت نه پوندي. اهي رڳو عالمي ID نظام، وئڪسين، پاسپورٽ ۽ مرڪزي بئنڪ ڊجيٽل ڪرنسي کي بند ڪري ڇڏينديون. اهڙي طرح اهي ڪنھن به ماڻهوءَ کي هڪ ڊجيٽل جيل (Digital Gulag) ۾ واڙي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.