ڀارت: هندو انتهاپسند جماعت شيوسينا به تڪراري ” وقف ترميمي بل“ جي مخالفت ڪري ڇڏي

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي لوڪ سڀا کانپوءِ تڪراري وقف ترميمي بل راجيا سڀا مان به منظور ٿي ويو، جڏهن ته بل جي مخالفت ۾ احتجاج به جاري آهي.
ڀارتي لوڪ سڀا گذريل ڏينهن حڪومت طرفان پيش ڪيل تڪراري ” وقف ترميمي بل“ منظور ڪيو هو جنهن جي ڪانگريس ميمبرن طرفان سخت مخالفت ڪئي وئي هئي.
رپورٽ موجب، تڪراري بل هاڻي ڀارتي راجيا سڀا به منظور ڪري ورتو آهي جتي بل جي حق ۾ 128 ۽ مخالفت ۾ 95 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جڏهن ته بل حتمي منظوري لاءِ صدر ڏانهن اُماڻيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، تڪراري وقف بل خلاف ڪولڪتا، چنائي ۽ احمد آباد سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرا جاري آهن.
ٻئي پاسي تڪراري بل خلاف ڪانگريس کانپوءِ هاڻي سخت گير هندو تنظيم شيوسينا به خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
راجيا سڀا ۾ مهارشٽرا مان شيو سينا جي رڪ سنجي راوت چيو ته مودي سرڪار کي مسلمانن جي جيتري ڳڻتي آهي ايتري شايد محمد علي جناح کي به نه هئي.
هن وڌيڪ چيو ته مسلمانن کي دهشتگرد ۽ غدار چوندڙ بي جيپي جو مسلمانن جي ملڪيتن وڪڻي مسلمانن نارين جون شاديون ڪرائڻ وارو اعلان دوکو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.