پ پ جي مخالفت سبب ڪالاباغ ڊيم نه ٺهيو، ڪئنال به نه ٺهندا: ناصر شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، پيپلز پارٽِ جي سموري قيادت ڪئنالن خلاف آهي.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي توانائي واري صوبائيوزير ناصر شاهه چيو ته ڳڙهي خدابخش ۾ پاڻي بابت وڏو اعلان ٿيندو، ڪالاباغ ڊيم پيپلز پارٽي جي مخالفت سبب نه ٺهي سگهيو.
سيد ناصر شاهه چيو ته اسان کي سنڌ ۽ پاڪستان عزيز آهي، پاڻي هجي يا ڪو ٻيو مسئلو پاڪستان تي نقصان ٿيڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته پ پ قيادت ڪئنالن جي مخالفت ڪري رهي آهي، اڄ شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي بلاول ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.