سنڌوءَ تي ڪو به ڪئنال نه ٺهندو، حڪومت ڇو ڇڏيون؟ وڏو وزير

سکر (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي ڪئنال رٿائن خلاف سخت موقف اختيار ڪندي وزيراعظم کان منصوبو بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪئنالن واري رٿا تي پيپلز پارٽي خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، ڪئنالن خلاف اسان سڀ بيٺا آهيون، جيستائين سمورا صوبا متفق نه ٿيندا، ڪئنال نٿا ٺهي سگهن. جن بيساکين تي اهو پروجيڪٽ ٺاهيو ويو، اهي ڪري پيون آهن.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وزيراعظم ڪئنال منصوبو فوري طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري، ارسا ڪنهن جي چوڻ تي سڄي ملڪ کي ٻوڙي رهيو آهي؟ جن بيساکين تي اهو پروجيڪٽ کڙو ڪيو ويو اِهي ڪِري پيون آهن.
هن چيو ته آئين موجب، جيستائين صوبا راضي نه ٿيندا، ڪئنال نه ٺهندا، وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي ڪري قائم آهي، اسان سنڌ حڪومت ڇو ڇڏيون؟ صدر ۽ بلاول ڪئنال رٿائن جي مخالفت ڪئي آهي.
مراد علي شاهه چيو ته ڪئنالن تي هڪ روپيو به خرچ نه ٿيو آهي، پاڻي وارو معاملو مشاورت لاءِ سي سي آءِ ۾ ويندو، ڪئنالن لاءِ سي سي آءِ جي منظوري ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته يقين ڏياريان ٿو ته سنڌوءَ تي ڪو به ڪئنال نه پيو ٺهي، اِها پنجاب حڪومت جي سوچ ضرور آهي، پر پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ائين ٿيڻ نه ڏيندي.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صدر وٽ ڪنهن کي ڪم کان روڪڻ جو اختيار ناهي، هن نه ڪنهن سمري تي صحيحون ڪيون نه منظوري ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.