لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن دوران اسڪولن جي شيڊيول ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.
پنجاب جي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نئون شيڊيول قذافي اسٽيڊيم ۾ ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ قائم اسڪولن تي لاڳو هوندو، جن ۾ گلبرگ، ماڊل ٽائون، اڇره، جيل روڊ ۽ فيروزپور روڊ جا اسڪول شامل آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوان وقت شادمان، ڪئنال روڊ، اپرمال، ظهور الاهي روڊ جي اسڪولن تي پڻ لاڳو هوندا، انهن علائقن ۾ اسڪول صبح ستين کان منجهند ٻارنهين وڳي تائين کليل هوندا.
نوٽيفڪيشن موجب، پي ايس ايل ميچن جو 28 مارچ کان 21 اپريل تائين جو شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آهي، لاهور ۾ پي ايس ايل جون ميچون 24 اپريل کان 18 مئي تائين مختلف ڏينهن ۾ شيڊيولڊ آهن.
You might also like