صدر خلاف اڻ وڻندڙ پوسٽ جي الزام هيٺ گرفتار پوليس آفيسر عدالتي حڪم تي آزاد

ملير (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ صدر خلاف سوشل ميڊيا تي توهين جوڳي پوسٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار پوليس آفيسر کي عدالتي حڪم تي آزاد ڪيو ويو.
صدر خلاف سوشل ميڊيا تي اڻ وڻندڙ پوسٽ ڪرڻ تي پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ملير پوليس آفيسر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پوليس طرفان پيڪا ايڪٽ تحت گرفتار ابراهيم حيدري جي جاچ آفيسر ابرار شاهه کي ملير ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو.
عدالت سيڪشن 63 تحت جوابدار سب انسپڪٽر ابرار شاهه کي آزاد ڪري ڇڏيو، عدالت قرار ڏنو ته اِهو ڪيس نه ٿو ٺهي.
پوليس موجب، ايس آءِ او ابراهيم حيدري ابرار شاهه فيسبڪ تي 2 اپريل تي هڪ پوسٽ ڪئي هئي جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري خلاف گٿن لفظن جو استعمال ڪيو ويو هو.
جوابدار خلاف ڪيس سکن ٿاڻي ۾ ڊيوٽي آفيسر يعقوب جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.
فريادي موجب، ابرار شاهه جي پوسٽ منهنجي ۽ ٻين شهرين جي دل آزاري ٿي.
ياد رهي ته صدر آصف علي زرداري اڄڪلهه ناچاڪ آهي ۽ سندس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.