بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني حڪومت اعلان ڪيو آهي ته هو ڏهه اپريل کان آمريڪا مان درآمد ٿيندڙ سمورين شين تي 34 سيڪڙو جوابي ٽيڪس لاڳو ڪندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هن ڀيري چين آمريڪا خلاف ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ شديد ردعمل ظاهر ڪيو آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته چين رڳو مخصوص آمريڪي شين تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بدران سمورين درآمد ٿيندڙ شين کي نشانو بڻايو آهي.
چين جي رياستي ٽيرف ڪميشن جوابي ردعمل طور آمريڪي شين تي به 34 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان تي ڏهه اپريل کان عملدرآمد ڪيو ويندو.
You might also like