ڪراچي/حيدرآباد/سکر( رپورٽر/نمائندا) سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڇهه ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ واسي سراپا احتجاج آهن، مختلف شهرن ۾ ڪالهه به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. سجاول ۾ سنڌو مٿان ڪئنال ٺاهڻ خلاف شاگرد جدوجهد پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي شاگرد اڳواڻ ايڊوڪيٽ شيراز علي سومرو، نائب صدر ايڊوڪيٽ سھيل علي خاصخيلي، اويس لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي. ريلي ۾ شھري اتحاد، جي يوآءِ، عوامي تحريڪ، جسقم بشیرخان، پي ٽي آءِ، سنڌي ادبي سنگت، وڪيل اتحاد، پ پ ش ڀٽو، اويس نظير لغاري , شاعر اياز امر شيخ،, شھري اتحاد صدر اياز ميمڻ , ممتاز ساند , منظور احمد ميمڻ , ايوب کوسو جن خطاب ڪيو. سجاول ۾ راڄوڻي اتحاد سجاول پاران ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. وارھ ۾ عوامي حقوق اتحاد پاران سنڌون مٿان غيرقانوني ڪئنال اڏڻ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو لڳايو ويو.سياسي ،سماجي مذھبي جماعتن سميت آبادگارن سميت شهري عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي جي اڳواڻي علي رضا چولياڻي ۔عاقل خان چانڊيو ۔آبادگار اڳواڻ محسن قاضي ۔اظھر علي اميراڻي ۔فھد وقار رضا چولياڻي مولوي محمد صديق مڱڻيجو ۔مفتي عبدالحليم ڇٽو ۔ محمد اشرف ٻگھيو شاھ ۔محمد علي منگھياڻي ۽ ٻين ڪئي. نوشھروفيروز۾ شفيق الرحمان راڄپرجي اڳواڻي ۾ نصرت ڪئنال کان نوشھروفيروز پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ اڪبر راڄپر،قائم مبيجو، جي ڊي اي اڳواڻ زرق خان بڙدي غلام مصطفي شر پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن سچل راڄپر ساجد راڄپر ۽ ٻين سوين ماڻھن ريلي ۾ شرڪت ڪئي. سيٺارجا ۾ ايس يو پي سکر ڊويزن جي صدر بشير احمد لنڊ جي اڳواڻي ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي ڪڍي وئي. خيرپور ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف جي ڊي اي اڳواڻ حاجي امام بخش ڦلپوٽو ،مولانا اويس احمد ڦلپوٽو، عبدالغني ڦلپوٽو ، صابر مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ مقامي شادي حال ۾ گڏجاڻي ٿي گذري اڳواڻن گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ سنڌ سان زيادتي آهي، پهريان ئي سنڌو درياه ۾ پاڻي جي کوٽ آهي جنهن ڪري اسان جون ڪيتريون ئي زمينون بنجر بڻيل آهن. نوشھرو فيروز۾ جسقم شھيد بشير خان قريشي پاران پريس ڪلب نوشھرو فيروز اڳيان احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي اسد عمراڻي، فريد لاشاري، رحمان تڳر، ڪاشف ميمڻ، زوار لاشاري، زين چانڊيو . نعمان تڳر ۽ ٻين چيو ته درياھ بادشاھ تي بند ٻڌي ان جي رخ موڙڻ واري ڪڌي عمل ۾ پيپلز پارٽي به برابر جي شريڪ آهي.ھنن وڌيڪ ڳالھيندي چيو ته جيستائين ھڪ به غيرت مند سنڌي زنده ھوندو ايتري تائين درياھ کي بچائڻ لاء جدوجهد جاري رھندو پنهنجي درياھ کي بچائي پوي ئي سک جو ساھ کڻبو. سنجهوري ويجهو يوسي جعفر خان لغاري جي نوجوان اتحاد طرفان تڪراري ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سوين نوجوانن جو جمڙائو ڪينال موري تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تڪراري ڪئنالن خلاف صحافين هڪ احتجاجي جلوس پريس ڪلب جي صدر محمد نواز سولنگي، بابو حيدر مگسي، دوست محمد لاشاري، عبدالنبي مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو. بدين ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سڏ تي سوين ماڻهن طرفان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ راجا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي چوڪ کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.