لاھور (بيورو) پنجاب جي وزير عظميٰ بخاري پ پ اڳواڻ چوڌري منظور جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي مشورو ڏنو ته ڪئنالن جي منظوري بابت پهرين صدر کان پڇيو وڃي ته بهتر ٿيندو، ڪئنالن تي سياست ڪرڻ سنڌ جو ڪم آهي، پهرين چيڪ ڪريو ته هاري اوهان سان گڏ آهن يا نه؟، پنجاب ڪنهن جو به حق نه پيو کسي، هن چيو ته سنڌ وارا چون ٿا ته پاڻي اسان جو آهي، توهان چئو ٿا پنجاب جو پاڻي آهي، پ پ پهرين پاڻ ۾ ويهي فيصلو ڪري ته پاڻي ڪنهن جو آهي؟ پ پ پنهنجي گهر جي ويڙهه کي ميڊيا تي وڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري، ياد رهي ته چوڌري منظور چيو ته صدر ڪئنالن جي منظوري نه ٿو ڏئي سگهي، هارين جو قتل ٿيڻ نه ڏينداسين.