اسلام آباد(عمران شفقت) عمران سان بيرسٽر سيف ۽ علي امين جي ملاقات ٿي آهي گذريل ڏينهن اعظم سواتي عمران خان سان ملاقات ڪئي پر سلمان اڪرم راجا کي ساڻس ملڻ نه ڏنو ويو هيو.ان ملاقات بعد عمران خان ٽوئٽ ڪئي آهي ته الله پاڪ مون کي سرخرو ڪندو انشاالله ايندڙ عيد مان جيل کان ٻاهر اچي ڪندس. ان مان لڳي ٿو ته ڊيل واريون ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون آهن. چيو پيو وڃي ته آمريڪا مان ٻه ڊاڪٽر به پاڪستان آيل آهن جيڪي مبينه طور تي عمران خان جي فوج سان ڊيل ڪرائڻ چاهين ٿا.سوال اهو آهي ته ڇا جنرل عاصم منير عمران خان سان ڳالهين لاءِ ويهندو؟ هن وقت تائين اهڙو ڪو به امڪان موجود ناهي. هن وقت امڪان اهو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٻيهر سڌايو وڃي ۽ اتي پي ٽي آئي به شرڪت ڪري.ان جو اشارو بلاول ڀٽو زرداري ۽ رانا تنوير ڏئي چڪا آهن. عمران خان اگر پنهنجي ذات کي پوئتي ڪري ملڪ کي اڳيان رکي ته پوءِ معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا ٻئي پاسي آصف زرداري جي بيماري جي خبر هلي رهي آهي پر پ پ سان ويجها صحافي ذريعا ٻڌائين ٿا ته ڪئنالن واري معاملي تي جهڙي ريت سنڌ اندر احتجاج ٿي رهيوآ هي ۽ آصف زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهو اشارو ڏئي چڪو آهي ته ان معاملي تي قومي اتفاق راءِ جوڙجي ان وقت بلاول ڀٽو زرداري پاران 4 اپريل تي تقرير ۾ وفاقي سرڪار خلاف اگر ڳالهايو ويندو ته آصف زرداري جي اتي موجودگي دوران اهو معاملو بهتر نه لڳي ها ان جي ڪري آصف زرداري بلاول کي کلي کيڏڻ جو موقعو ڏئي رهيوآهي.جيئن بلاول پنهنجو اعتراض به پيش ڪري سگهي ۽ ان وقت اتي ملڪ جو صدر موجود نه هجي.