شهيد ڀٽي جي ويزن مطابق پاڪستان کي خودمختيار ملڪ بڻائينداسين: صدر

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداری چيو آهي ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي جاري رکنداسين۽ پاڪستان  کي سندس ويزن مطابق ترقي يافته، خودمختيار ۽ عوام دوست ملڪ بڻائينداسين.شهيد ذوالفقار ڀٽي جي ورسي تي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد ڀٽو هڪ عظيم مدبر، حوصلي وارو اڳواڻ ۽ عوام جو حقيقي نمائندو هو، جنهُن پاڪستان کي ترقي، خودمختاري ۽ عوامي فلاح جي رستي تي هلايو ۽ قوم کي پهريون متفقه آئين ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو.  هن ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار تشخص ڏنو جڏهن ته سندس قيادت ۾ پاڪستان اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.