نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار) پيپلز پارٽي پنهنجي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهي آهي، ان سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، مزار سامهون وڏو اسٽيج ۽ جلسي گاھ تيار ڪيو ويو آهي، ورسي جي شروعات اڄ صبح جو نائين وڳي قرآن خوانيءَ سان ڪئي ويندي، جنهن بعد اجتماعي دعا گهري لنگر تقسيم ڪيو ويندو. شام 4 وڳي حمد نعت ۽ محفل مشاعرو ڪيو ويندو، 6 وڳي جلسو شروع ٿيندو، جنهن کي بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه، نثار کهڙو، گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي سميت مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب ڪندا، مزار جي کاٻي پاسي طبي ڪئمپ قائم ڪري ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيمن کي مقرر ڪيو ويو آهي، ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۽ نئون ديرو هائوس ٻاهران توڙي اندر سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪندي 8 هزار 500 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ رينجرز، سي ٽي ڊي جي ٽيمن کي مقرر ڪيو ويو آهي، هڪ هزار کان وڌيڪ پارٽي جا جانثار پڻ سيڪيورٽي جا فرض نڀائيندا،جلسي گاھ اندر توڙي ٻاهر مختلف ھنڌن تي 80 کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن.