گمبٽ/راڻيپور (رپورٽ: تاج محمد مھر+فياض حسين راڄپر) گمبٽ ۾ سنڌو تي ڌاڙي ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف هزارين ماڻهن جي ريلي ۽ جلسو، سنڌ واسين ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌو درياھ مٿان تڪراري ڪئنالن خلاف گمبٽ ۾ ڪامريڊ نثار ابڙو، حاجي عبدالطيف شيخ، سيد مرتضيٰ حسن ڪاظمي ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي ابل واھ کان اسٽيشن روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ريلي ۾ ايس يو پي مرڪزي صدر سيد زين شاھ، منير حيدر شاھ، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، جي ڊي اي اڳواڻن سيد اسماعيل شاھ، راشدي معظم خان عباسي، پير نور الھدا شاھ جيلاني، حسين شاھ لڪياري، ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاھاڻي، ايس يو پي اڳواڻن امير آزد پنھور، روشن ٻرڙو، جگديش آھوجا، گمبٽ بار جي صدر فدا احمد ڄامڙو ۽ صحافي نعمت کھڙو سميت سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين، اديبن شاعرن سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي سيد زين شاهه چيو ته پي پي حڪومت وفاق سان ملي سنڌو درياھ جي پاڻي جو سودو ڪيو آھي، هاڻي منافقت ڇڏي معاهدو رد ڪن ٻئي صورت ۾ اسلام آباد جو رخ ڪنداسين، حڪمران واڳون وارا ڳوڙها ڳاري ريليون ڪڍي رهيا آهن، عوام هاڻي سجاڳ ٿي ويو آهي، چور ۽ ڀاڳين کي سڃاڻي ٿو، سموري دنيا سنڌ واسين جو آواز ٻڌي رهي آهي، رڳو اسٽيبلشمينٽ ۽ مرڪز نه ٿا ٻڌن، جيڪڏهن صوبن ۾ نفرتون پيدا ٿيون ته وفاق لاءِ خطرناڪ هوندو، ڪئنال خلاف ويڙهه ڪري ۽ تحريڪ هلائي سگهارين ڌرين کي جهڪايو ويندو، حليم عادل شيخ چيو ته 5 اپريل تي حيدرآباد ۽ 6 اپريل تي ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻنداسين، جيڪي زين شاهه جي اڳواڻي ۾ هنيا ويندا، سنڌ بيدار آھي ڪئنالن خلاف عوامي سمنڊ ڏسي درياھ دشمن بوکلائي ويا آھن، سنڌ جي ٻار ٻچي جو مقصد سنڌو جي بقا آھي، 6 ڪروڙ سنڌي عوام پنھنجو درياھ بچائيندو، راشد محمود سومرو چيو ته جيڪڏهن اهي پاڪ ڪتاب کڻي چون ته ڪئنال نه ٺاهيندا تڏهن به مٿس اعتبار نه ڪجو، پ پ احتجاج بدران شهباز سرڪار کي هٽائي ته هار پائينداسين، 6 اپريل تي سنڌ ۾ درياهي پلن تي جي يو آءِ پاران ڌرڻا هنيا ويندا، حڪمرانن رٿا ختم نه ڪئي ته سنڌ ۽ پنجاب جا رستا بند ڪنداسين، جلسي کي خطاب ڪندي منير حيدر شاھ، معظم عباسي، ڪامريڊ نثار ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ جياپو آھي اسين ڪنھن صورت ۾ پاڻي ڪونه ڏينداسين، رت جي آخري قطري تائين سنڌو درياھ خاطر وڙھبو، پنجاب وڏو ڀاءُ چئي آزادي کان وٺي سنڌ سان ظلم ڪندو آيو آھي، ھاڻي ھڪ ھڪاڻي جو وقت اچي ويو آھي.
ڀريا/مورو(مير محمد سهتو+جاني مورائي) ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ پاران ڪئنالن خلاف بيداري مارچ لاءِ نڪتل ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جو مورو شھر ۾ ايس يو پي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت ٻين سياسي تنظيمن پاران استقبال ڪيو ويو انھي موقعي تي سيد زين شاھ ۽ حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وفاق ۽ پ پ ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن صدر آصف زرداري ھڪ طرف وفاق ۾ ڪئنالن جي منظوري ڏني آھي ته ٻئي طرف سنڌي ماڻھن جي ڪاوڙ کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ احتجاج پيا ڪن پاڻي تي سنڌي ماڻھو مرڻ مارڻ لاءِ به تيار آھن،هوڏانهن سيد زين شاهه ڀريا بائي پاس تي پهتو جتي ڪارڪنن گلن جي ورکاڪري سندس شاندار آجيان ڪئي،هن چيو ته پيپلزپارٽي جو پاڻي جي مامري تي ڪو به ڪردار ناھي ڇو ته پاڻي وڪرو انھن پاڻ ڪيو آھي انھن جي صدر 8 جولائي تي ڪئنال لکي ڏنا آھن ھاڻي پيپلزپارٽي وارا جيڪي مظاھرا ڪري رھيا آھن اھي سنڌ جي ماڻھن کي گمراھ ۽ انھن سان ٺڳي ڪري رھيا آھن هن چيو ته سنڌي ماڻھن جي گذريل 8 مھينن کان جدوجھد ھلندڙ آھي سنڌي صحيح ۽ غلط کي سڃاڻي ويا آھن.