اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي اعلان کان پوءِ ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي شروع ٿي وئي آهي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ ٽه ماهي ۽ ماهوار ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي سستي ڪري ڇڏي آهي.
نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ بجلي 1 رپيو 90 پيسا سستي ڪئي وئي آهي.
نيپرا جو چوڻ آهي ته جنوري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت ڪراچي لاءِ في يونٽ بجلي 3 رپيا 2 پيسا ۽ ڪراچي کانسواءِ ٻين واهپيدارن لاءِ فيبروري جي ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ بجلي 46 پيسا سستي ڪئي وئي آهي.
نيپرا موجب، اپريل، مئي ۽ جون جي مهينن ۾ واهپيدارن کي هر مهيني 1 رپيو 90 پيسن جو رليف ملندو، جنهن سان گڏيل طور تي واهپيدارن کي 56 ارب 38 ڪروڙ رپين جو فائدو ٿيندو.
اهو رليف اپريل جي بجلي بلن ۾ منتقل ڪيو ويندو.
ياد رهي ته خميس ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف گھريلو ۽ صنعتي واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائيءَ جو اعلان ڪيو هو.
سرڪاري دستاويزن موجب، بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 7 رپيا 41 پيسن جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
گهريلو واهپيدارن لاءِ في يونٽ قيمت 7 رپيا 15 پيسا گهٽائي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سراسري بجلي جي قيمت 45 رپيا 5 پيسا في يونٽ مان گهٽجي 37 رپيا 64 پيسا ٿي وئي آهي.
دستاويز موجب، ڪمرشل واهپيدارن لاءِ في يونٽ قيمت ۾ 8 رپيا 58 پيسا سستي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد بجلي جي قيمت 71 رپيا 6 پيسا مان گهٽجي 62 رپيا 47 پيسا ٿي وئي آهي.