لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن توڙي ٻين وڪيلن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار طرفان گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته وڪيل برادري اڄ 4 اپريل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو نه ويندا، پيپلز پارٽي جي قيادت وفاقي حڪومت کان تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺرائي حڪومتي بئنچن کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ٻي صورت دمادم مست قلندر ٿيندو، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اڄ جلسي ۾ اعلان ڪري ٻي صورت اسين هن تحريڪ کي اڳتي وٺي وينداسين ۽ هن تحريڪ کي ڪو به روڪي نه سگهندو، پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جو ڪيس وڙهي وڪيلن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪري، هن چيو ته 12 اپريل تي ڪراچي بار جي ميزباني هيٺ ڪراچيءَ ۾ وڪيلن جو ڪنوينشن ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شرڪت ڪري اسان پنهنجو موقف پيش ڪنداسين، 15 اپريل تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو بار ۾ اچي رهيو آهي، 16 اپريل تي ھاءِ ڪورٽ بار طرفان انڊس هاءِ وي تي تڪراري ڪئنالن ۽ ٻين مسئلن خلاف ڌرڻو هنيو ويندو.